اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس مان حڪومت جي اتحادي جماعت پاڪستان پيپلزپارٽي نوان ڪينال ٺاهڻ خلاف احتجاج ڪندي واڪ آئوٽ ڪيو. پي پي سينيٽر پنهنجي ئي چيئرمين يوسف رصا گيلاني جي صدارت ۾ هلندڙ اجلاس مان اٿي ڊائيس سامهون آيا ۽ چيو ته حڪومت ڪينال ٺاهڻ جو فيصلو واپس وٺي ۽ واضح اعلان ڪيو وڃي. پي پي ڪورم جي نشاندهي ڪئي، ڳڻپ ڪئي وئي ته ڪورم پورو هو، جنهن بعد هو واڪ آئوٽ ڪري ٻاهر هليا ويا. ڪجهه سياسي مبصر پي پي جي واڪ آئوٽ کي مسلم ليگ (ن) جي حڪومت لاءِ وڏو ڌچڪو قرار ڏئي رهيا آهن. ان دوران پي ٽي آءِ جا سينيٽر ايوان ۾ ڪينالز ۽ وفاق حڪومت خلاف نعرا هڻندي احتجاج ڪندا رهيا. جي يو آءِ (ف) جا سينيٽر به ڪينالز خلاف احتجاج ڪندا رهيا. گوڙ ايترو وڌيڪ هو جو قانون واري وفاقي وزير اعظم تارڙ کي هيڊ فون پائي خطاب ڪرڻو پيو. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي سينئر سياسي مشير راڻا ثناءُ الله کي رابطي ۽ مشاورت جو ڪم سونپيو آهي ۽ هو پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت سميت احتجاج ڪندڙ سڀني پارٽين سان رابطا ڪري پيو، هن چيو ته ڪينالز جي منظوري ناهي ملي حڪومت پنهنجي اتحادي جماعت پيپلزپارٽي کي نظرانداز ڪري رٿا نه ٺاهيندي، اسين آئين، قانون ۽ اتحادين جي مرضي کانسواءِ فيصلو نه ڪنداسين. شيري رحمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڪينالز بابت واضح فيصلو ڪيو آهي بلاول صاحب وزيراعظم کي واضح چئي چڪو آهي ان جي باوجود حڪومت ڪينالز نه ٺاهڻ جو اعلان ناهي ڪيو ۽ پيپلز پارٽي کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي. جيڪڏهن ايئن ڪندا ته هي سلسلو نٿو هلي سگهي. ان دوران پي ٽي آءِ ڪينالن خلاف سخت احتجاج ڪندي رهي ۽ سندن سينيٽرن ايوان ۾ ڌرڻو به هنيو. سينيٽ ۾ ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته صدر اڳ ۾ ڪينالن جي حمايت ڪئي ۽ بعد ۾ پارليامينٽ کي خطاب ۾ مخالفت ڪئي. ڪينالن جي معاملي تي پ پ جو رويو منافقاڻو آهي. هن چيو ته عمرڪوٽ جي ضمني چونڊ ۾ سنڌ جي عوام پ پ کي ٽڪر ڏنو، پر هنن ٺپا هڻي، پوليس ۽ ضلعي انتظاميا جي مدد سان پاڻ کي کٽرايو. نون ليگ اڳواڻ پي پي سينيٽرن کي پرچائڻ ويا ته ٻئي نه موٽيا، پي ٽي آءِ وارن ٻيهر ڪورم جي نشاندهي ڪئي ۽ ڳڻپ بعد ڪورم پورو نه هو جنهن تي سيد يوسف رضا گيلاني ڪاروائي جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










