اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جا 81 استعيفيٰ ڏيندڙ ميمبر اڃا تائين پارليامينٽ لاجز تي قابض آهن.ذريعن موجب 23 جنوري تي 100 کان وڌيڪ اسيمبلي ميمبرن کي 7 ڏينهن اندر لاجز خالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي پر نوٽيس باوجود 81 ميمبرن پنهنجون رهائشگاهون خالي نه ڪيون.ٻئي طرف حڪومت انتظاميه ذريعي استعيفيٰ ڏيندڙ ميمبرن کان لاجز خالي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.










