پي ٽي آءِ جا 6 اڳواڻ اڊيالا کان شاهپور جيل منتقل

پي ٽي آءِ جا 6 اڳواڻ اڊيالا کان شاهپور جيل منتقل

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي جيل ڀريو تحريڪ ۾ گرفتار پي ٽي آءِ جي 6 اڳواڻن کي اڊيالا جيل کان شاهپور جيل منتقل ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻن جي هڪ مهيني جي نظربندي جا حڪم پڻ جاري ڪيا ويا آهن. شاهپور جيل منتقل ٿيلن ۾ ذوالفي بخاري، فياض الحسن چوهاڻ، صداقت علي عباسي، اعجاز خان، لطافت ستي ۽ اڳوڻو پنجاب اسيمبلي ميمبر چوڌري ساجد محمود به شامل آهي.جيل ڀيريو تحريڪ جي منتظم اعجاز چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته پشاور ۾ به هزارين ماڻهو گرفتاريون ڏيڻ لاءِ نڪتا هئا پر ڪنهن به کين گرفتار نه ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو