اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فرحت الله بابر پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف توهين رسالت جي ڪيسن جي مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ فرحت الله بابر چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف توهين رسالت جا ڪيس افسوسناڪ آهن، ماضي ۾ به هن مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي هميشه مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته توهين رسالت واري قانون جو غلط استعمال بند ڪيو وڃي، ان قانون کي هٿيار طور استعمال نه ڪيو وڃي، توهين رسالت واري معاملي تي عقل استعمال ڪرڻ گهرجي.










