ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي زيدي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب چيو آهي ته علي زيدي کي سنڌ پوليس ڪراچي جي پارٽي آفيس مان گرفتار ڪيو آهي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ سنڌ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ کي پوليس اهلڪار کڻي ويا.
فوٹیج میں واضح ہے کے کیسے ایک سیاسی رہنما کو گرفتار کرنے سندھ پولیس دروازے توڑ کر اندر داخل ہوئی ۔ صدر PTI سندھ علی زیدی کی گرفتاری امپورٹڈ حکومت کی تازہ فسطائت ہے!! #ReleaseAliZaidi pic.twitter.com/6SfJRT4Tb0
— PTI (@PTIofficial) April 15, 2023
ترجمان موجب پي ٽي آءِ سنڌ آفيس تي غيرقانوني ڇاپو ۽ صوبائي صدر جي گرفتاري جي مذمت ڪري ٿي. هن چيو ته علي زيدي پي ٽي آءِ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ تنظيمي عهديدارن سان ملاقات ڪري رهيو هو.هن چيو ته اهلڪارن علي زيدي کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو آهي.هن چيو ته آفيسر آفيس وڃڻ دوران ڪجهه ماڻهن جا موبائيل فون پاڻ سان گڏ کڻي ويا.
ڪيس جو متن سامهون اچي ويو
علي زيدي خلاف داخل ڪيل ڪيس جو متن به سامهون آيو آهي، جنهن ۾ مدعي الزام لڳايو آهي ته علي زيدي 2013ع ۾ مون کان 18 ڪروڙ رپيا وٺي مون کي پلاٽ جي فائل ڏني جنهن جي قيمت 16 ڪروڙ 75 لک رپيا آهي.علي زيدي 6 مهينن کانپوءِ 1 ڪروڙ 25 لک رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو. رقم نه ملڻ بعد پلاٽ جي فائل وڪڻڻ گھري ته اها به جعلي نڪتي.رقم لاءِ بار بار رابطو ڪرڻ تي جوابدارن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
علي زيدي جي گرفتاري لنڊن پلان جو حصو آهي: عمران خان
تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سينيئر اڳواڻ علي زيدي جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو سڀ لنڊن پلان جو حصو آهي.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته نواز شريف کي پي ٽي آءِ کي چٿڻ جي خاطري ڪرائي وئي هئي، پي ٽي آءِ جا 3 هزار کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار ۽ اغوا ٿيا، اڳ ۾ علي امين ۽ هاڻ علي زيدي کي اغوا ڪيو ويو آهي.سندس موجب هڪ نئون منصوبو آهي ته 27 رمضان يا عيد کانپوءِ زمان پارڪ ۾ پوليس پلس ايڪشن ٿيندو، انهن جو خيال آهي ته اهو سڀ ڪجهه اسان کي چونڊون ٿيڻ جي صورت ۾ ڪمزور ڪري ڇڏيندو، واضح طور چوان ٿو ته عوام جي ڪاوڙ وڌندي پئي وڃي، اهو سڀ نه هلندو، اهي لنڊن جي ان منصوبي جو نتيجو چونڊن ۾ ڏسندا.
illegal police plus action in Zaman Park after 27 Ramazan or over Eid. They think this will weaken us in case elections are held. Let me state categorically this will not work. People's anger only increasing & they will see the blowback of this nefarious London Plan in elections.
— Imran Khan (@ImranKhanPTI) April 15, 2023










