نوشهره(ويب ڊيسڪ) نوشهره ڪينٽ واري علائقي حڪيم آباد ڍيري ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ تحريڪ انصاف جو اڳواڻ ملڪ خالد خان ٻن نوجوان پٽن ۽ محافظ سميت قتل ٿي ويو.حڪيم آباد جي ٽي روڊ تي قائم سي اين جي اسٽيشن جو مالڪ ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ملڪ خالد خان ٻن پٽن نويد خالد، ياسر خالد ۽ محافظ خالد سان گڏ گاڏي ۾ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ هٿياربندن گاڏي تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ چارئي ڄڻا موقعي تي قتل ٿي ويا ۽ جوابدار فرار ٿي ويا.اطلاع ملڻ تي ڪينٽ پوليس جي ايس ايڇ او زرداد خان پوليس پارٽي سان گڏ واردات واري جاءِ تي پهچي ويو ۽ ڪيس داخل ڪري ڇاپا مار پارٽي تشڪيل ڏني.










