اسلام آباد(بيورو)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف اڄ به روڊن تي ملڪ کي ساڙڻ لاءِ تيار آهي.هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو ته جيڪڏهن اها آءِ ايم ايف جي بجيٽ آهي ته پوءِ هن مشڪل بجيٽ سان اسان کي ڪنهن ڳنڍيو آهي، ٽنگون ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪندڙن ڇا ڪيو؟ اهو سڀ ڪجهه سندن انا ۽ انتقامي سياست جي ڪري آهي.هن چيو ته جيڪڏهن ڪو پنهنجي انا کان پاسو ڪري ته ڏکيا فيصلا ڪري سگهجن ٿا، جيڪڏهن هن ڏکيا فيصلا نه ڪيا ته ملڪ تباهه ٿي ويندو.هن چيو ته هو سياست لاءِ پاڪستان جي معيشت کي قربان ڪرڻ چاهين ٿا، تباهي ۽ احتساب جي حڪومت آئي هئي ته 100 ڏينهن ۾ انقلاب آڻي.شيري رحمان چيو ته سندن ورهاڱي ۽ انا واري سياست جو مسئلو آهي، بار سڀني کي نظر اچي رهيو آهي، جنهن سبب ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا.










