پي آءِ اي جا 450 آفيسر ڪراچي مان اسلام آباد بدلي

پي آءِ اي جا 450 آفيسر ڪراچي مان اسلام آباد بدلي

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) پي آءِ اي 450 کان وڌيڪ آفيسر ڪراچي کان اسلام آباد بدلي ڪري ڇڏيا، لاڙڪاڻو ۽ نوابشاهه ۾ بڪنگ آفيس به بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.رضا ڪارانه اسڪيم هيٺ ريٽائرمينٽ لاءِ استاف کي مجبور ڪرڻ جا حربا شروع ڪيا ويا آهن. ملازمن ۾ سخت بيچيني ڦهليل آهي، لاڙڪاڻو آفيس 70 کان 80 لک ماهوار ڪمائي ڏيڻ واري آفيس آهي، گلگت ۽ اسڪردو سدائين خساري ۾ هلنديون آهن پر عوامي سهولت خاطر اهي قائم آهن پر سنڌ جون آفيسون بند ڪري تعصب پرستي ڪئي پئي وڃي. ذريعن موجب پي آءِ اي اختيارين لاڙڪاڻو، نوابشاهه ۽ ٻين شهرن مان پي آءِ اي آفيسرن کي پهرين ڪراچي موڪليو ويو، جتان کين اوچتو اسلام آباد رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو،  پي آءِ اي آفيسرن ۾ اوچتو بدلي تي بيچيني پکڙجي وئي.  22 جنوري 2019ع ۾ وزير اعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ پي آءِ اي جي هيڊ آفيس ڪراچي مان اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو فيصلو ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو