لنڊن (ويب ڊيسڪ)ڪيٿولڪ عيسائين جي مذهبي اڳواڻ پوپ فرانسس عالمي برادري کان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي مدد جي اپيل ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ پوپ فرانسس چيو ته اسان سڀني کي ٻوڏ جي بيشمار متاثرين، زخمين ۽ بي گهر ماڻهن جي لاءِ دعا ڪرڻ گهرجي.پوپ فرانسس چيو ته عالمي برادري يڪجهتي جو مظاهرو ڪري پاڪستاني ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري.










