اوٻاوڙو (غلام علي رند) رونتي ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ ضلعي گهوٽڪي جي پوليس جي آپريشن دوران ڏوهارين ۽ پوليس ۾ مقابلو ٿي پيو. ڏوهارين بڪتر بند گاڏي مٿان راڪيٽ لانچرن سان حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ايس ايڇ اوز، ھڪ اي ايس آئي سميت 7 اھلڪار زخمي ٿي پيا آهن.

جنهن ۾ ايس ايڇ او خانپور مٺل ککراڻي، ايس ايڇ او جروار عبد الوحيد ڀٽو ،اي ايس آئي سهراب چاچڙ، جمعدار غلام محمد مهر سپاهي مٺل مشوري، خان محمد پنهور عبدالجبار ڪورائي ، ممتاز ، الله رکيو ميراڻي، منٺار ابڙو شامل آهن ۽ هڪ مال چاريندڙ ڳوٺاڻو اقبال احمد گهنڃو گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو.

جنهن کي پوليس بروقت تعلقي اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪيو آهي جتي زخمي خان محمد پنهور کي طبي امداد ڏيڻ بعد سکر اسپتال کڻائي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ هڪ پوليس اهلڪار خان محمد پنهور فوت ٿي ويو ۽ ٻين زخمي پوليس اهلڪارن کي ميرپور ماٿيلو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته آپريشن ۾ شر برادري جي عورت مسمات شرما شر پڻ مارجي وئي آهي ۽ جڏهن ته پوليس پاران وڌيڪ نفري طلب ڪئي وئي آهي.

ڏوهارين ۽ پوليس ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري آهي ۽ فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.










