ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) رضويه سوسائٽي گوليمار ۾ ڪريل 5 ماڙ عمارت جي مالڪ ۽ سندس ساٿي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مالڪ جاويد علي خان عرف جاويد چيف ڊپ کان فرار هو جنهن کي سندس ساٿي ۽ سهولتڪار سميت پوليس گرفتار ڪيو آهي. ياد رهي ته گوليمار نمبر ٻه ۾ 5 مارچ تي 40 گز جي پلاٽ ٺاهيل پنج ماڙ عمارت، جنهن جي مٿان ڇهون فلور اڏيو پئي ويو ته عمارت ڪري پئي هئي جنهن سبب آس پاس جي عمارتن کي به نقصان ٿيو هو ۽ 27 ماڻهو جن ۾ عورتون ۽ ٻآر به شامل هئا فوت ٿي ويا هئا. انهن ۾ شڪارپور جي هڪ ئي خاندان جا 7 ڀاتي به شامل هئا.










