پوليس کنڀيل نوجوان جي آزادي لاءِ 2 لک ٿي گهري، احتجاج

پوليس کنڀيل نوجوان جي آزادي لاءِ 2 لک ٿي گهري، احتجاج

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) اوڳا ھي برادري طرفان ڪچي جي پوليس خلاف ٻئي ڏينھن به احتجاج ڪيو ويو. وارثن پاران 20 ورھين جي بنا جواز گرفتار ڪيل نوجوان کي ظاھر ڪرڻ جو مطالبو، پوليس 2 لک رشوت ٿي گهري اسان کي خدشو آهي ته کيس هاف يا فل فراءِ ڪيو ويندو. ٻہ ڏينھن اڳ ڪچي۾ قائم پوليس ٿاڻي گد پورجي وڏي منشي ممتاز چاچڙ جي اڳواڻي ۾ پوليس پاران ڳوٺ باٺا چاچڙ مٿان چڙھائي ڪري ويھن سالن جي مال چاريندڙ ڌنار نياز احمد اوڳاھي کي کنڀي کڻي وڃڻ خلاف نوجوان جي وارثن محبوب اوڳاھي. مولانا نظام الدين.حبيب الله ۽ ڀاڳيو اوڳاھي جي اڳواڻي ۾ غوثپور پريس ڪلب پهچي ٻئي ڏينهن ڀي احتجاج ڪيو. ھنن چيو ته جڏھين ايس ايڇ او سان رابطو ڪيو ويو ته ھن فون تي 2 لک روپين جي گهر ڪئي ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي نوجوان کي ھاف فرائي ڪرڻ جي پڻ ڌمڪي ڏني.ھنن چيو تہ اسان جو اوڳاھي برادري سان ڪارنھن جي معاملي تي تڪرار ھلندڙ آھي ۽ پوليس اسانجي مخالفن جي وانگار وھندي اسان جي نوجوان کي کنڀي گم ڪيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو