پوليس ڏوهارين وچ ۾ مقابلو،نامعلوم چور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب

پوليس ڏوهارين وچ ۾ مقابلو،نامعلوم چور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب

نوشھرو فيروز (ن س)مٺياڻي پوليس جي ڪامياب ڪاروائي ۔ڳوٺ صاحب خان ڀٽي وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو ۔نامعلوم چور چوري ڪيل 8 ڍور ڇڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ۔ پوليس پاران چوپايو مال قبضي ۾ وٺي ٿاڻي تي آندو ۔ چوري ٿيل مال جي مالڪ سيد روشن شاه ٿاڻي تي پهچي ايس ايڇ او اڪرم جانوري کي هار پارايا ۽ سندس ٿورا مڃيا ۔ ان موقعي تي چوپائي مال جي مالڪ سيد روشن علي شاھ ٻڌايو ت گذريل رات دير سان نامعلوم چور منهنجي گهر مان چوپائي مال جا اٺ ڍور ڪڍهي ويا هئا ۔ جنهن جي ڳولا ڪندي اسان صبح ٿاڻي تي آياسين ۔ ٿاڻي تي موجود چوپائي مال کي ڏسي اسان پنهنجي مال جي ڪري ايس ايڇ او کي سموري حقيقت ٻڌائي ۔ان موقعي تي ايس ايڇ او اڪرم جانوري ٻڌايو ت اسان رات دير سان جڏهن اسان گشت ڪري رهيا هئاسين ت صاحب خان ڀٽي جي ڀرسان چوپايو مال ۽ ماڻهو ڏسڻ ۾ آيا ۔ جڏهن اسان هنن جي ويجهو وياسين ت هو اسان جي مٿان فائرنگ ڪندا چوپايو مال ڇڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ اسان چوپايو مال ٿاڻي تي ڪاهي آياسين جنهن جي سڄاڻپ گوٺ ليمي شاھ جي رهواسي سيد روشن شاھ طور تي ۔ جنهن تي چوپايو مال کيس جي حوالي ڪري ڇڏيو ۔آخر ۾ ايس ايڇ او اڪرم علي جانوري چيو ت ڏوهاري ڪيترو ب بااثر ڇو ن هجي پر کيس قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو