پوليس ڌر آهي، عدالت انصاف ڏياري، اُم رباب ۽ ياسمين

پوليس ڌر آهي، عدالت انصاف ڏياري، اُم رباب ۽ ياسمين

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ميهڙ جي مشهور ٽرپل مرڊر ڪيس بابت سندن وارث اُم رباب چانڊيو ياسمين شيخ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ پوليس اسانجي گهر ڀاتين جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، سنڌ جون ٻئي نياڻيون انصاف لاءِ دربدر آهيون ، اُم رباب چيو ته 5سالن کان انصاف لاءِ واجهائي رهي آهيان، سنڌ پوليس جا آفيسر رڳو سکڻا دلاسا ڏيندا آهن، آءِ جي سنڌ ٻڌائي ته منهنجي ڪيس ۾ ته وڏيرن سان ڊيل ڪئي پر ياسيمن جي ڪيس جو ڇا ٿيو؟  ام رباب چانڊيو جو چوڻ آهي ته منهنجي والد، ڏاڏا ۽ چاچي کي قتل ڪيو ويو، آئون 5 سالن کان ڪيس وڙهي رهي آهيان، چيف جسٽس مونکي انصاف ڏياري، چيف جسٽس نوٽيس وٺي ، سنڌ ۾ انصاف ملڻ ۾ سال  لڳي ويندا آهن،  بلاول کي جلسن کان واندڪائي  ملي ته هو سنڌ جي مسئلن  تي ڌيان ڏئي، پيپلزپارٽي کي سڀ خبر هوندي به مون کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن، سنڌ سرڪار جوابدارن جي پٺڀرائي ڪرڻ بندڪري، وڏي وزير مراد علي شاهه، بلاول ڀٽو توڙي ٻين اڳواڻن کي ڪيترائي ڀيرا چيو آهي پر جوابدارن جي گرفتاري ۽ انصاف ڏيارڻ لاءِ مون سان رابطو ناهي ڪيو ويو، پوليس عملدارن مٿان دٻاءُ وڌو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو