غوثپور (عبدالنبي ملڪ) پوليس ٻن مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايس ايڇ او غوثپور اعجاز احمد کوسو صحافين کي ٻڌايو ته دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ اطلاع مليو ته ڏوهاري اغوا ڪيل غلام عباس ۽ حامد ميراڻي کي هڪ جاءِ تان ٻئي جاءِ تي منتقل ڪري رهيا آهن، جنهن بعد ڪاروائي ڪئي ته مقابل ٿيو، ڏوهاري گهيرو تنگ محسوس ڪندي رات جي اونداهي ۾ مغوي ڇڏي فرار ٿي ويا. ياد رهي ته 10 ڏينهن اڳ غوثپور پوليس ٿاڻي جي حد مان شير ميراڻي جي مڇي جي فارم تان چوڪيدار نوجوان غلام عباس ميراڻي ۽سندس سئوٽ حامد ميراڻي کي ھٿيار بند اغوا ڪري ويا ھئا. مغوين جي بازيابي لاءِ ضلعي ڪشمور جي مختلف پوليس ٿاڻن جي پوليس نفري 3 ڀيرا ڏوھارين جي گرفتاري ۽مغوين جي بازيابي لاءِ ڳوٺ علي بخش اوڳاهي، دراني مھر جي ڪچي واري علائقي، ڳوٺ ويلو جاگيراڻي تي ڪاروائي ڪئي هئي.










