ڪرڪ(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪرڪ ۾ پوليس موبائل تي حملي آورن جي فائرنگ ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. پوليس موجب ڪرڪ جي علائقي احمد آباد ۾ 4 حملي آورن پوليس موبائيل تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس موبائل جي ڊرائيور سميت 2 پوليس اهلڪار مارجي ويا. پوليس موجب فائرنگ جو اطلاع ملندي ئي وڌيڪ اهلڪار موقعي تي پهچي ويا ۽ علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، جڏهن ته موٽرسائيڪل تي سوار جوابدار فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو.










