سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس مبينا مقابلي بعد هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته ڏوهاري جي قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. پوليس موجب دادلوءِ ٿاڻي جي حد ۾گشت دوران ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾هڪ ڏوهاري مارجي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڏوهه جي ارادي سان بيٺل هئا جن پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪري ڏني. پوليس موجب مقابلي ۾هڪ ڏوهاري مارجي ويو، جڏهن ته سندس ٻيا ساٿي فرار ٿيڻ ۾ڪامياب ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏهاري جي قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سندس سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي. مقابلي ۾مارجي ويل ڏوهاري جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ پنو عاقل منتقل ڪيو ويو، جتان سڃاڻپ ۽ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.










