پشاور(ويب ڊيسڪ) پوليس لائنز جي مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيدن جو انگ 88 ٿي ويو آهي، 27 شهيدن جي گذريل ڏينهن جنازي نماز ادا ڪئي وئي هئي. ملبو هٽائڻ جو ڪم آخري مرحلن ۾ آهي. ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ترجمان جو چوڻ آهي ته 83 زخمين جو علاج هلندڙ آهي. ريسڪيو موجب پشاور جي صدر پوليس لائنز واري علائقي ۾ مسجد اندر ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي جو آواز ايترو ته زوردار هو جو پري پري تائين ٻڌو ويو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڌماڪي کانپوءِ گوليون پڻ هلايون. علائقي ۾ پڻ ٻڌو ويو. ريسڪيو جو چوڻ آهي ته ڌماڪي کانپوءِ ريسڪيو اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار به موقعي تي پهچي ويا آهن، سيڪيورٽي اهلڪارن علائقي کي سيل ڪري ڇڏيو آهي. ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ترجمان موجب ڌماڪي ۾ هينئر تائين 63 ڄڻا شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ 18 پوليس اهلڪار به شامل آهن، جڏهن ته ڌماڪي ۾ 140 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جن مان اڪثر جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ليڊي ريڊنگ اسپتال جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ رت جي سخت ضرورت آهي، شهرين کي اپيل آهي ته هو وڌ کان وڌ رت جو عطيو ڪن.ڊپٽي ڪمشنر موجب ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ زخمين کي او-نيگيٽو رت جي سخت ضرورت آهي، تنهن ڪري او-نيگيٽو رت جا مريض جلد کان جلد رت جو عطيو ڪن.
ڌماڪو عصر جي نماز دوران ٿيو، حملي آور اڳين قطار ۾ بيٺل هئا: سڪيورٽي اهلڪار
ريسڪيو ذريعن موجب پوليس لائنز جي مسجد ۾ ظهر جي نماز دوران ڌماڪو ٿيو، جنهن سبب مسجد ۾ موجود ڪيترائي نمازي زخمي ٿي پيا. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن مسجد ۾ نماز ادا ٿي رهي هئي. ذريعن موجب ڌماڪي سبب مسجد جي ڇت ڪري پئي، ڪيترن ئي ماڻهن جي ملبي هيٺان دٻجڻ جو پڻ خدشو آهي. سڪيورٽي اهلڪارن جو چوڻ آهي ته پوليس لائنز ۾ ڌماڪو آپگهاتي حملو هو ۽ آپگهاتي بمبار مسجد جي پهرين قطار ۾ بيٺو هو ۽ نماز دوران پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. ذريعن موجب پوليس لائنز صدر جو علائقو ريڊ زون ۾ آهي جنهن کي حساس علائقو قرار ڏنو وڃي ٿو جنهن جي ڀرسان حساس عمارتون آهن جڏهن ته سي ٽي ڊي آفيس به پوليس لائنز ۾ آهي، پشاور پوليس چيف ۽ ڊي آءِ جي ان علائقي ۾ جي سي ٽي ڊي جي آفيس به آهي.
پولیس لائنز پشاور میں دھماکہ۔
نگران وزیراعلی خیبر پختونخوا محمد اعظم خان کی پشاور کے بڑے ہسپتالوں میں ایمرجنسی نافذ کرنے کی ہدایت۔
وزیراعلی محمد اعظم خان کی ریسکیو اداروں کو امدادی سرگرمیاں تیز کرنے کی ہدایت
— Chief Minister KP (@KPChiefMinister) January 30, 2023










