جيڪب آباد (ن سنڌيار)جيڪب آباد پوليس جي ڪامياب ڪاروائي ڪري ٻن خطرناڪ ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعواڪئي آھي گرفتار جوابدارن مٿان ڪيترائي ڪرمنل ڪيس داخل ٿيل آھن پوليس ترجمان موجب ٻه ڏينھن پھريان جيڪب آباد جي سٽي ٿاڻي جي حد وچ شھر ۾ ھٿياربند فائرنگ ڪري خادم بنگلاڻي۽ سندس گھر واري کي گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪيو ھو ايس ايس پي جيڪب آباد ڊاڪٽر سميرنور چنا واقعي جو نوٽيس وٺندي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سخت حڪم ڏنا ھئا جنھن تي عمل ڪندي سٽي پوليس ايس ايچ او معشوق علي شر جي اڳواڻي۾ ڳجھي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن نواب بنگلاڻي ۽ اڪبر بنگلاڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي جوابدار کان ھٿيار به ھٿ ڪيا ويا آهن پوليس موجب جوابدارن مٿان مختلف ٿاڻن تي ڪيترائي ڪرمنل ڪيس داخل ٿيل آھن جن جو رڪارڊ ھٿ ڪيو ويو آهي.










