سکر(امداد علي ڪلوڙ) سکر ايڪسائيز پوليس جي ڪاروائي, 15 ڪلو چرس ھٿ, جوابدار گرفتار, خبرموجب سکر ايڪسائيز پوليس ٽائون سکر ٽول پلازه واري علائقي ۾ ڪاروائي ڪندي ڪرولا ڪار نمبر اي واء اين 217 جي تلاشي دوران 15 ڪلو چرس هٿ ڪري هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو آھي, ان ڏس ۾ ايڪسائيز انسپيڪٽر سکر نجيب احمد ڊومڪي صحافين کي ٻڌايو ته جوابدار لال بخش پٽ شفيع ابڙو کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو, اڄ جوابدار کي رمانڊ لاء عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو,










