سانگهڙ )ن س)سانگهڙ ڀرسان منگلي ٿاڻي جي حد چڪ 36 جي رهواسي بگٽي برادري پاران منگلي پوليس جي ذيادتين ۽ قبضا مافيه جي ڏاڊ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ان موقعي احتجاج ڪندڙن حاجي منز علي بگٽي دلشاد بگٽي غلام رسول بگٽي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته چڪ 36 ۾ اسان جي زرعي زمين تي عيسائي برادري ماڻھو قبضو ڪري کين هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهين جنن چار ڏينهن اڳ اسان جي ماڻھن تي حملو ڪري کين هڪ ڄڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي جڏهين ته ٻه ڄڻا زخمي آهين جيڪي حيدر آباد اسپتال ۾ داخل آهين واقعي جو ڪيس اسان منگلي ٿاڻي تي داخل ڪرائيو آهي پر پوليس مک جوابدارن کي گرفتار بجاء پروٽوڪل ڏئڻ ۾ مصروف آهي هنن وڌيڪ چيو ته منگلي پوليس قبضا مافيه جو ڌر بڻجي کين جهڙو ڪرائي خونريزي ڪرائڻ چاهي ٿو هنن وڌيڪ چيو ته عيسائي برادري جي پاران اسان جي زرعي زمين تي هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهين جيڪي جهڙو ڪرڻ چاهين ٿا پر منگلي پوليس انهن هٿياربندن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاء اسان جي ماڻھن تي پريشر وجهي کين ڳوٺ خالي ڪرائڻ چاهي ٿو جيڪا سراسر نا انصافي آهي هنن ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي سانگهڙ نوٽس وٺي کين قتل ۾ ملوث جوابدرن کي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کين انصاف ڪيو وڃي










