پوليس جي اسيمبلي هال ۾ داخل ٿيڻ خلاف پرويز الاهي جي درخواست داخل

پوليس جي اسيمبلي هال ۾ داخل ٿيڻ خلاف پرويز الاهي جي درخواست داخل

لاهور(ويب ڊيسڪ)پرويز الاهي اسيمبلي هال ۾ پوليس سڪيورٽي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندي درخواست ڪئي ته آءِ جي پنجاب کي حڪم ڏنو وڃي ته ڪنهن به پوليس اهلڪار کي اسيمبلي هال ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو وڃي. پرويز الاهي طرفان سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سارجنٽس کي اسيمبلي هال جي سڪيورٽي ڏيڻ جي اجازت ڏني وڃي. پرويز الاهي درخواست ۾ حمزه شهباز، ڊپٽي اسپيڪر، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب کي ڌر بڻايو آهي. پرويز الاهي درخواست ۾ چيو ته حمزه شهباز پنجاب اسيمبلي ۾ اڪثريت وڃائڻ کانپوءِ شڪست قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته غير آئيني قدم کڻي چونڊن کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ پهرين جولاءِ تي صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.پرويز الاهي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ن ليگ شڪست کي منهن ڏيڻ لاءِ اوچتو حربا استعمال ڪري رهي آهي، اسيمبلي هال ۾ سارجنٽ بدران پوليس جي مقرري جو غير قانوني نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو