ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي تي پيغام ۾ پاڪستان پوليس جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي شهيدن جي خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته قومي تاريخ امن امان جي قيام ۽ استحڪام لاءِ پوليس اهلڪارن جي بي مثال قربانين سان ڀريل آهي،پوليس جا شهيد رڳو هڪ اداري جا نه پر پوري قوم جا هيرو ۽ شهيد آهن،دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون،بلاول ڀٽو زرداري: شهرين جي جان و مال جي تحفظ ۾ پوليس جي اهميت ۽ افاديت ۽ اهم ڪردار تي ڪو به ٻه رايا نه آهن.پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت سنڌ ۾ پوليس شهيدن جي وارثن ۽ زخمين لاءِ امداد جي رقم وڌائي ڇڏي آهي،شهيدن ۽ زخمين لاءِ سنڌ حڪومت جا ٻيا قدم به ساراهه جوڳا آهن، ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ پيپلز پارٽي جي حڪومت پوليس کاتي کي جديد خطوط تي استوار ڪندي،پيپلز پارٽي جي حڪومت پوليس اهلڪارن جي ڀلائي لاءِ به وڌيڪ قدم کڻندي










