پوري ملڪ ۾ پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي نئين مهم شروع

پوري ملڪ ۾ پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي نئين مهم شروع

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي 128 ضلعن ۾ اڄ کان پوليو مهم جي شروعات ٿي چڪي آهي ۽ 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا. پوليو کان بچاءُ واري پروگرام جي ڪوآرڊينيٽر جو چوڻ آهي ته 5 سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا. پنجاب جا 33 ضلعا، بلوچستان 33، سنڌ 41، گلگت بلتستان8، آزاد ڪشمير جي 10 ضلعن ۽ خيبرپختونخواهه جي هڪ ضلعي ۾ پوليو کان بچاءُ واري مهم شروع ڪئي ويندي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ورڪرز ڪورونا جي قائدن ۽ ضابطن تي عمل ڪندي مهم هلائيندا. 7 ڏينهن واري پوليو مهم ۾ 2 لک 10 هزار فرنٽ لائن ورڪرز گهر گهر وڃي پوليو کان بچاءُ واري مهم ۾ حصو وٺند.ا  بلوچستان ۾ مهم دوران 25 لک جي ويجهو ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو