پورهيتن جي ڏهاڙي تي سڀاڻي عام موڪل جو اعلان

پورهيتن جي ڏهاڙي تي سڀاڻي عام موڪل جو اعلان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار مزدورن جي ڏهاڙي تي سڀاڻي پهرين مئي خميس تي سموري ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.انهي موقعي تي مزدورن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ملڪ جا سمورا سرڪاري ادارا ۽ نجي آفيسون، تعليمي ادارا ۽ مارڪيٽون به بند رهنديون.انهي کان علاوه بينڪ دولت پاڪستان سميت ٻيون بينڪون به عام موڪل سبب بند رهنديون. ياد رهي ته پاڪستان ۾ مزدورن جو ڏهاڙو هر سال پورهيت طبقي سان يڪجهتي جو اظهار ۽ سندن حقن ۽ فلاح بهبود کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ ملهايو ويندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو