سکر(جئيرام داس) خيرپور واسي هڪ پورهيت جي نالي تي 162 ڪارون رجسٽرڊ هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پورهيت پاران گاڏيون نالي هجڻ کان اڻ ڄاڻائي ظاهر، ايف بي آر اصل مالڪ جي ڳولها لاءِ جاچ تيز ڪري ڇڏي. ايف بي آر سکر جي ذريعن ٻڌايو ته خيرپور ضلعي جي ٺيڙهي شهر سان تعلق رکندڙ هڪ پورهيت جي نالي تي 162 گاڏيون رجسٽرڊ هئڻ جا ايف بي آر کي ثبوت مليا آهن، جڏهن جاچ ٿي ۽ پورهيت وٽ ٽيم پهتي ته هن لاعلمي جو اظهار ڪندي چيو ته مون وٽ ڪا به ڪار ناهي۔ ڄاڻايل گاڏين جي ماليت ڪروڙين روپين جي آهي، گاڏين جي اصل مالڪ جنهن پورهيت جو شناختي ڪارڊ استعمال ڪري گاڏيون رجسٽرڊ ڪرايون آهن اُن متعلق جاچ جاري آهي ته ڄاڻايل گاڏين جو اصل مالڪ ڪير آهي.










