پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان جي بنگلاديش کي شڪست

پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان جي بنگلاديش کي شڪست

لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان بنگلاديش کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. بنگلاديش طرفان ڏنل 142 رنسن جو هدف پاڪستان 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. شعيب ملڪ ناقابل شڪست 58 رنسون ٺاهي بهترين راند جو مظاهروڪيو، هن 5 چوڪا هنيا، کيس مين آفي دي ميچ قرار ڏنو ويو. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 141 رنسون ٺاهيون. تميم اقبال 39، لٽن داس 12، جڏهن ته محمد نعيم 43 رنسون ٺاهيون. بنگلاديش جو ڪپتان محمود الله 19 رنسون ٺاهي ناٽ آئو رهيو. پاڪستان طرفان حارث رئوف، شاهين آفريدي ۽ شاداب خان هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي جڏهن ته 2 رانديگر رن آئوٽ ٿيا. پاڪستان جي ڪپتان بابراعظم ۽ محمد حفيظ اوپننگ ڪئي ميچ جي ٻئي بال تي بابر بنا رن ٺاهڻ جي آئوٽ ٿي ويو. ڊيبيو ڪندڙ احسن ۽ حفيظ اسڪور 35 تي پڄايو ته حفيظ مستفيض جي بال تي ڪيچ ٿي ويو. احسن جو ساٿ ڏيڻ شعيب ملڪ آيو ٽئين وڪيٽ جي شراڪٽ ۾ 46 رنز جو اضافو ڪيو ته احسن 36 رنز ٺاهي امين الاسلام جو شڪار بڻيو. جنهن بعد افتخار آيو۽ ملڪ سان گڏ اسڪور 117 رنس تي پهتو ته افتخار به آئوٽ ٿي ويو. 20 اورن مان اڃا 3 بال باقي هئا ته پاڪستان ميچ کٽي ورتي. واضح رهي ته پاڪستان خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو. ان موقعي تي بنگلاديش جي ڪپتان محمودالله جو چوڻ هو ته بنگلاديش پريميئر ليگ سٺو رهيو نوجوانن تي اعتماد آهي ته هو بهترين اسڪور ڪندا. ٻئي طرف قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته جيڪڏهن اسان ٽاس کٽيون ها ته پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيون ها پر هاڻي بنگلاديش کي جلد آئوٽ ڪري ميچ کٽڻ جي ڪوشش ڪنداسين. بابر اعظم جو چوڻ هو ته فاسٽ بالر حارث رئوف بگ بيش ۾ سٺي پرفارمنس ڏني آهي ان لاءِ ان کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. حارث رئوف ۽ احسن ڊيبيو ڪيو. جڏهن ته پاڪستاني ٽيم ۾ بابر اعظم سميت محمد حفيظ، شعيب ملڪ، افتخار احمد، محمد رضوان، عماد وسيم، شاداب خان، شاهين آفريدي، محمد حسنين ۽ حارث رئوف شامل آهن. جڏهن ته بنگلاديش جي ٽيم محمد محمودالله، تميم اقبال، محمد نعيم، مٽن داس، متحمد مٿن، سوميا سرڪار، عفيف حسين، امين الاسلام، الامين حسين، شفيع الاسلام ۽ مستفيض الرحمان تي مشتمل هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو