ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت انمول عرف پنڪي کي پيش نه ڪرڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي. ملزمہ خلاف منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ پوليس ملزمہ پنڪي کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪرڻ جي درخواست دائر ڪئي.پوليس موقف اختيار ڪيو ته انمول پنڪي کي (عدالت ۾) پيش ڪرڻ سان امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ جو خطرو ٿي سگهي ٿو. عدالت قرار ڏنو ته سيڪيورٽي سببن جي ڪري چالان پيش ٿيڻ تائين ملزمہ جي جسماني حاضري (فزيڪل ڪسٽڊي) جي ضرورت ناهي، پر جڏهن به عدالت طلب ڪري ته کيس پيش ڪيو وڃي.ٻئي طرف، پوليس انمول پنڪي جي ٻين شريڪ ملزمن جي بئنڪ اڪائونٽن تائين پهچ (رسايئي) جي اجازت گهري ورتي آهي، جنهن لاءِ جاچ آفيسر سيشن عدالت ۾ درخواست دائر ڪري ڇڏي آهي.










