لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر طرفان داخل درخواست ۾ پنجاب جي گورنر جي پرنسپل سيڪريٽري کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ گورنر کي صوبائي اسيمبلي جي چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اسد عمر طرفان داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته گورنر جمهوري نظام جي تسلسل لاءِ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو پابند آهي، پنجاب جي گورنر اڃا تائين پنهنجي آئيني ذميواري پوري ناهي ڪئي ۽ تاريخ مقرر ناهي ڪئي، پنجاب جي گورنر جي چونڊ جي تاريخ جو اعلان نه ڪرڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي. پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پنجاب جي گورنر طرفان چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪرڻ آئيني اسڪيم کي سبوتاز ڪرڻ جي برابر آهي.










