لاھور(ويب ڊيسڪ)پنجاب ۾ ننڍي چونڊ دوران پي ٽي آءِ اپ سيٽ ڪندي حڪمران اتحاد جي مسلم ليگ (ن) کي شڪست ڏئي ميدان ماري ورتو آهي. 16 سيٽن تي پي ٽي آءِ جي اميدوارن کي برتري حاصل آهي جڏهن ته مسلم ليگ (ن) کي ٽن سيٽن تي ۽ هڪ سيٽ تي آزاد اميدوار ڪاميابي ماڻي آهي. ننڍي چونڊ جي نتيجن بعد پنجاب اسمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت کي اڪثريت حاصل ٿي وئي آهي ۽ وڏ وزارت لاءِ نامزد اميدوار پرويز الاهي کي اڪثريت حاصل ٿي وئي آهي ۽ حمزه شهباز جي حڪومت جو خاتمويقيني ٿي ويو آهي. مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز شڪست تسليم ڪندي چيو آهي ته سياست ۾ کٽ ۽ هار ٿيندي رهندي آهي اسين کلي دل سان شڪست تسليم ڪريون ٿا. پي ٽي اءِ اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته 16 کان 17 سيٽون اسين کٽينداسين، اها پوري پاڪستان جي جيت آهي. هن چيو ته سومر تي پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس عمران خان جي صادرت ۾ ٿيندو جنهن ۾ پنجاب ۾ حڪومت سازي لاءِ صلاح مشورا ڪيا ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ نواز ۾ اختلافن سبب کين شڪست ملي. مريم گروپ نه پيو چاهي ته حمزه شهباز وڏو وزير رهي. پنجاب ۾ ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ دوران مختلف پولنگ اسٽيشنز تي جهيڙا ۽ ڌانڌلين جون دانهون، لاهور جي تڪ پي پي 158۾ پولنگ اسٽيشن اندر داخل ٿيڻ تي نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿيو فيصل آباد جي تڪ پي پي 97 ۾ بزرگ شهري سان گڏ همراهه کي پولنگ اسٽيشن ۾ وڃڻ کان روڪڻ تي جهيڙي دوران بيلٽ پيپرز ڦاٽي پيا اليڪشن ڪميشن طرفان پي پي 158 تي جهيڙي جو نوٽيس، ڊي آر او کي صورتحال جو جائزو ۽ سيڪيورٽي عملدارن سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي شهباز گل پاران مظفرڳڙهه ۾ پولنگ اسٽيشنز تان پي ٽي آءِ اميدوار جي پولنگ ايجنٽس کي نيڪالي ڏيڻ جا الزام، پنهنجي ٽويٽ ۾ شهباز گل چيو آهي ته اسان جي اميدوار معظم جتوئي جي پولنگ ايجنٽس کي پولنگ اسٽيشن 44 ۽ 46 تان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي پولنگ ايجنٽس کي خالي دٻا ۽ بيلٽ پيپرز چيڪ ڪرڻ به نه ڏنا ويا، فارم 46 جي شفافيت ختم ڪئي وئي آهي، خبر ناهي ته انهن پولنگ اسٽيشنز تي ڪيترا جعلي ووٽس ڪاسٽ ٿيندا، ڌانڌلين جي شروعات ٿي چڪي آهي اليڪشن ڪميشن پنجاب شهباز گل جا الزام رد ڪري ڇڏيا، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته مظفر ڳڙهه ۾ پولنگ اسٽيشن 44 تي پي ٽي آءِ اميدوار جو پولنگ ايجنٽ امير بخش موجود آهي اليڪشن ڪميشن موجب پولنگ اسٽيشن 46 تي پي ٽي آءِ اميدوار جو ڪو به پولنگ ايجنٽ نه پهتو آهي، بنا تصديق جي الزام هڻي پولنگ واري عمل کي تڪراري نه بڻايو وڃي










