پنجاب ۾ ننڍي چونڊ کانپوءِ ٽن حڪومتي اتحادين جا رابطا

پنجاب ۾ ننڍي چونڊ کانپوءِ ٽن حڪومتي اتحادين جا رابطا

اسلام آباد (بيورو)پنجاب جي 20 تڪن تي ننڍي چونڊ جي نتيجن کانپوءِ حڪومت جا ٽي اتحادي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ اچي ويا آهن. ذريعن موجب نواز شريف، آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي، ٽنهي اڳواڻن پنجاب جي ضمني چونڊن جي نتيجن ۽ سياسي صورتحال جو جائزو ورتو.ذريعن موجب ٽنهي اتحادين پنجاب ۽ مرڪز ۾ مستقبل جي حڪمت عملي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو آهي ته اتحادين جي مشاورت سان تفصيلي ايڪشن پلان جوڙيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو