خيرپور ( محمد علي جانوري ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ورڪس اينڊ سروسز بابت صلاحڪار نثار احمد کهڙو چيو آهي ته وفاق پاران پنجاب ۾ 6 آءِ جيز تبديل ڪيا ويا سنڌ جي آءِ جي واري ڳالهه تي اعتراض ڇو آهي. سنڌ پاران 4 نالا موڪليا ويا آهن ڪنهن به نالي تي وفاق کي جرئت نه ٿي آهي ته انڪار ڪري. اهڙي خيالن جو اظهار هن وساڻ هائوس خيرپور پهچي اڳوڻي ايم اين اي وڏي وزير جي شهيد بينظير هائوسنگ بابت صلاحڪار حاجي نواب علي وساڻ جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ دعا کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. نثار احمد کهڙو چيو ته صوبائي وزيرن خلاف ايس پي پاران جيڪا رپورٽ ليڪ ٿي آهي هن تي اوپن فورم تي ڳالهه ڪري ها هي آفيسر ڪهڙي وقت ڪراچي ۽ شڪارپور ۾ مقرر هيو ۽ هاڻي هو رپورٽ ٺاهي ٿو. هن کان اڳ اي ڊي خواجا سان به معاملا ٿيا ڪنهن جي چوڻ تي ڪنهن کي مجرم قرار نٿو ڏئي سگهجي مجرم قرار ڏيڻ عمران خان جو طريقو آهي. نثار احمد کهڙو چيو ته وفاق جي نيت ئي صحيح ناهي صوبائي خودمختياري واري ڳالهه تي عمران خان چيو ته صوبائي خودمختياري جي ڪري وفاق ڪنگال ٿي ويندو وفاق پاران دل سان صوبائي خودمختياري کي تسليم ئي نه ڪيو ويو آهي. هن سوال واري انداز ۾ چيو ته فوڊ سيڪيورٽي، EOBI، تعليم ۽ ٻيا ادارا وفاق ۾ ڇو آهن آڌا تيتر آڌا بٽير ڇو آهي. صوبائي صلاحڪار چيو ته صوبي ۾ گذريل سيزن ۾ ڪڻڪ موجود هئي پاسڪو ادارو آهي جنهن سان ڪڻڪ خريد ڪيون ٿا پر ٽرانسپورٽرن جي هڙتال سبب ڪڻڪ جي کوٽ ٿي. هن چيو ته ملڪي سطح تي اٽي جو بحران ٿيو آهي پنجاب وٽ 40 لک ٽن ڪڻڪ هئي. سنڌ ۾ 12 لک ٽن لک هئي هتي ڇو بحران ٿيو. ڪي پي ڪي، بلوچستان ۾ ڇو ٿيو بحران اها سڀ وفاق جي غير ذميواري آهي. سنڌ حڪومت پنهنجي ڪاشتڪارن، آبادگارن ۽ هارين کي چانور، ڪپهه، ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن لاءِ سبسڊي ڏئي رهي آهي سنڌ مضبوط آهي ٻوڏ هجي يا برساتون هجن سنڌ جا آبادگار پنهنجي زمين سان پياررکڻ ٿا. هن چيو ته سنڌ ۾ ماڪڙ جو حملو ٿيو صوبائي حڪومت وفاق کان گهر ڪندي رهي ته جهاز موڪليو سنڌ حڪومت دوا ۽ تيل جو خرچ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر وفاق نه موڪليا. ڀٽو صاحب جي دور ۾ 30 جهاز هئا هاڻي 3 جهاز آهن سو به انهن جا پائلٽ نه آهن. سنڌ جو جيترو نقصان ٿيڻو هو ٿي ويو. نثار احمد کهڙو چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان 8 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ جو طريقو درست نه آهي هنن کي رڳو شهيد بينظير ڀٽو جي نالي تي اعتراض آهي ڇا وفاق جي شاهه خرچيون گهٽجي ويون آهن ڇا پروٽوڪول گهٽجي ويو آهي حڪومت جو رويو صحيح ناهي هن کان وڌيڪ ڪهڙو ظلم ٿيندو. هن ترقياتي ڪمن بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته وفاقي حڪومت دعويٰ ڪري ٿي ته 16 ارب ڊالر جو ذخيرو آهي ته ترقياتي فنڊز ۾ ڪٽوتي ڇو ڪئي وئي چارئي صوبن جا فنڊز ڇو گهٽايا ويا عوام جو پئسو عوام جي ڀلائي تي خرڇ ڇو نٿو ڪيو وڃي. ڪشمير بابت سوال جي جواب ۾ نثار احمد کهڙو چيو ته اڳ ۾ عمران خان کان اهو پڇيو وڃي ته هن مودي جي سوڀ جي دعا ڇو گهري هن ڳالهه تي عمران خان قوم کان معافي وٺي. ايم ڪيو ايم ۽ وفاق جي اتحاد بابت نثار احمد کهڙو ڳالهائيندي چيو ته ايم ڪيو ايم وار چون ٿا ته منسٽري ڇڏيون ٿا پر حڪومت ڪو نه ڇڏينداسين هن کان وڌيڪ ڳالهائي نٿو سگهجي.










