لاهور( ڊيسڪ رپورٽ) پنجاب جي دهشتگردي ٽوڙ پوليس لاهور کان گجرانوالا ويندي ڪالعدم جماعت الدعوا جي اڳواڻ حافظ سعيد کي گرفتار ڪري ورتو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گرفتاري جي ڀليڪار ڪندي ان کي سٺو قدم قرار ڏنو آهي. اهو ته معلوم ناهي ٿي سگهيو ته مٿس الزام ڪهڙو آهي پر پوليس جو چوڻ آهي ته دهشتگردي سان لاڳاپيل معاملن ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. 3 جولاءِ تي پنجاب حڪومت حافظ سعيد ۽ عبدالرحمان مڪي سميت درجن ڀر اڳواڻن تي دهشتگردن جي مالي معاونت جا 2 درجن ڪيس داخل ڪيا هئا. مٿن الزام آهي ته هو الانفال ٽرسٽ، دعوت الارشاد ٽرسٽ ۽ معاذ بن جبل ٽرسٽ ذريعي چندو گڏ ڪري دهشتگردن جي مدد ڪن ٿا. اهڙن حڪومتي ڪيسن خلاف حافظ سعيد لاهور هاءِ ڪورٽ م درخواست به داخل ڪئي آهي جنهن تي عدالت حڪومت کان گذريل سومر تي جواب طلب ڪيو هو.










