پنجاب پوليس جي ڪوڙي مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

پنجاب پوليس جي ڪوڙي مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

اوٻاوڙو(رپورٽ غلام علي رند) پنجاب رحيميار پوليس پاران مقابلو ڄاڻائي ماريل نوجوان سونو خان دشتي جي وارثن مريدشاخ مين چوڪ تي پاڪ ڪتاب کڻي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪيو , وارثن جو چوڻ هيو ته ٽي ڏينهن اڳ پنجاب پوليس سونو کي کڻي وئي هئي آڄ سوشل ميڊيا تي ڏٺوسين ته پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو آھي ۽ هاڻي لاش به نه ڏنو پيو وڃي , کنڀڙا ٿاڻو جي ايس ايڇ او جي خاطري تي روڊ کوليو ويو ۽ لاش وارثن حوالي ڪئي وئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو