مريدشاخ (ن س) مريدشاخ ڀرسان گھوٽڪي فيڊر جي کاٻي پاسي ڳوٺ سعيدآباد وٽان ڪينسل ٿيل ٻوڙي مائينر مان معمول موجب پنجاب جي يوسي ماڇڪو سان تعلق رکندڙ زميندارن ۽ مقرر بيلدارن جي ملي ڀڳت سان پاڻي لفٽ ذريعي چوري ڪرڻ دوران ٻوڙي مائينر ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو پئي ويو تہ ڳوٺ سعيدآباد وٽان غيرقانوني وھندڙ ٻوڙي مائينر کي اٺ فوٽ گھارو پئجي ويو. نتيجي ۾ ڪمند جو فصل ٻڏي ويو ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي گهرن جون ڪچيون ڀتيون ڪري پيون. ڳوٺاڻن جي شڪايتن تي کنڀڙا پوليس پھتي تہ ملوث جوابدار ٽريڪٽر سميت فرار ٿي ويا.غيرقانوني ٻوڙي مائينر ۽ گھاري پوڻ جو سيڊا ڊائريڪٽر گھوٽڪي غلام ياسين قريشي نوٽس ورتو آھي ۽ معاملي ۾ حد جي داروغن ۽ بيلدارن کي ذميوار قرار ڏنو ۽ سندن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
مشهور خبرون










