لاهور: (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ مون سون جي برسات شروع ٿي وئي آهي. لاهور سميت پنجاب ۾ تيز برساتن گرمي جي لهر کي ٽوڙي ڇڏيو آهي، جڏهن ته برسات سبب حادثن ۾ چار ماڻهو فوت ۽ 27 زخمي ٿيا آهن.صوبائي گادي واري شهر لاهور جي مختلف علائقن ۾ ڪڪر ڇانئجي ويا، جن ۾ ڳڙهي شاهو، قلعه گجر سنگھ، مال روڊ، فيروز پور روڊ، ماڊل ٽائون، ٽائون شپ، ڪينال روڊ، هربنس پورہ، ڪاهنا، جلو موڙ، تاج باغ ۽ ٻيا علائقا شامل آهن، جنهن ڪري موسم خوشگوار ٿي وئي.لاهور ۾ برسات کان پوءِ درجنين فيڊر ٽرپ ٿي ويا، جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي، جنهن ڪري شهري سخت مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويا.وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ، ميانوالي، فيصل آباد، سانگلا هِل، پاڪپتن، ٽوبه ٽيڪ سنگھ، حجرا شاهه مقيم، خوشاب، جوهر آباد ۽ آس پاس جي علائقن ۾ به برسات موسم خوشگوار بڻائي ڇڏي. برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف جي خاص هدايتن تي واسا الرٽ آهي، ايم ڊي واسا سڀني فيلڊ ٽيمن کي سرگرم رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.ان کان علاوه، مری ۽ آزاد ڪشمير ۾ به ڪڪر ڇانئجي ويا، مالم جبا، ڪالام ۽ ٻين شهرن ۾ برسات پئي، ايبٽ آباد ۾ برسات سبب درياءَ ۾ ٻوڏ آئي، مٿانهين علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب مکيه هاءِ وي بند ٿي وئي، ۽ ڪيترائي سياح ڦاسي پيا.نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن لاءِ طوفان ۽ مينهن جي الرٽ جاري ڪئي آهي، ۽ صوبائي حڪومتن مون سون جي برساتن کي نظر ۾ رکندي انتظامي معاملن کي بهتر بڻائڻ جا اعلان ڪيا آهن.










