اسلام آباد(بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنجاب جي سياسي معاملن لاءِ پارلياماني مشاورتي ڪائونسل قائم ڪري ڇڏي آهي جنهن کي صوبي ۾ اهم فيصلا ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويندو.نوٽيفڪيشن موجب سبطين خان پي ٽي آءِ پارلياماني ايڊوائزري ڪائونسل جو ڪنوينر هوندو جڏهن ته ميمبرن ۾ ميان اسلم اقبال، مراد راس، ياسمين راشد، احمد خان بوچر ۽ ميان محمود رشيد شامل هوندا.ان کان علاوه عنصر مجيد نيازي، غزن عباسي، حسنين دريش، مامون تارڙ، راجا راشد حفيظ ۽ عباس علي شاهه به ڪائونسل جا ميمبر هوندا.










