مدئجي (ن سنڌيار) مدئجي ڀرسان نئون امروٽ ٿاڻي جي حد ۾ ٻه ڏينهن اڳ موبائيل فون ڦر مامري تان ڌرين وچ ۾ فائرنگ دوران ٻنهي ڌرين جي پنجن ڄڻن جي قتل واري واقعي کان هڪ ڏينهن بعد پوليس انتظاميا جاڳي پئي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتارين لاءِ ڪارروايون ڪيو ويون.ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب اي ايس پي شڪارپور جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالن اي پي سي چين واري گاڏين سميت جوڻيجا برادري جي ڳوٺ ملاڻي جوڻيجا ۽ ڳوٺ خيرل جي وانڍ تي چڙهائي ڪري گهرن جو سرچ آپريشن ڪيو، جنهن دوران پوليس ڳوٺن مان عورتن سميت 7 کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.ان سلسلي ۾ جوڻيجا برادري جي ماڻهن بنگل جوڻيجو، خالق جوڻيجو، عدل جوڻيجو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته پوليس اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪرڻ بعد پوليس گهرن ۾ پيل گهريلو سامان کڻڻ سان گڏ گهرن ۾ بيٺل 3 موٽرسائيڪلون ڪاهي ويا ۽ پوليس گهرن ۾ موجود عورتن مسمات حاڪم خاتون، مسمات بچل خاتون، انور خاتون، جانل خاتون، مسمات نظيران سميت 7 ڄڻن کي کنڀي کڻي ويا آهن.هنن دانهيندي چيوته پوليس چڙهائي دوران اسان جي مقتولن جي تڏي تي ويٺل ماڻهو پڻ خوف وچان اٿي ويا آهن. هنن چيوته نوٽيس وٺِي انصاف ڏياريو وڃي.ٻئي طرف دل برادري جي ٻن مقتولن نثاءُ الله دل ۽ عبدالوهاب دل جي وارثن پاران لاش کڻي نئون امروٽ بس اسٽاپ وٽ جنازي نماز پڙهڻ بعد مقتولن جا لاش سکر لاڙڪاڻو روڊ تي رکي احتجاج ڪرڻ بعد ڌرڻو هنيو.جتي مظاهرين حافظ امان الله دل ۽ ٻين دانهيندي چيوته پوليس اسان جي مقتولن جي قتل جو ڪيس داخل نٿي ڪري جيستائين ڪيس داخل نه ٿيندو تيسيتائين اسان جو ڌرڻو جاري رهندو.ڌرڻي جي ٻن ڪلاڪن بعد اي ايس پي شڪارپور فضل شاهه ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪرڻ بعد روڊ کولرائي ٽرئفڪ بحال ڪرائي، جنهن بعد ٻنهي مقتولن جي مقامي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي.جڏهن ته جوڻيجا برادري جي مارجي ويل ٽن ڄڻن مان ٻن ڄڻن رسول بخش جوڻيجو ۽ اصغر جوڻيجو جي تدفين ڳوٺ ملاڻي جوڻيجا ۽ هڪ ڄڻي صدر جوڻيجو جي ڳوٺ عزت جي وانڍ ۾ تدفين ڪئي وئي.هوڏانهن نئون امروٽ ٿاڻي تي دل برادري جي مارجي ويل ٻن ڄڻن جي قتل جي ڪيس مقتول ثناءُ الله دل جي ڀاءُ عبدالباسط دل جي فرياد تي جوڻيجا برادري جي 18 جوابدار خلاف داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 13 سڃاتل ۽ 5 اڻسڃاتل جوابدار شامل آهن، ڪيس ۾ مٺل عرف مٺو جوڻيجو، ادو جوڻيجو، روشن جوڻيجو، رسول بخش، صدر جوڻيجو، علي جان جوڻيجو، لياقت جوڻيجو، غلام اصغر جوڻيجو، خالو عرف خالق جوڻيجو، ڀورل عرف ڀورو جوڻيجو، گلشن جوڻيجو، حاڪم جوڻيجو، اشفاق جوڻيجو ۽ پنجن نامعلوم جوابدار شامل آهن، داخل ڪيل ڪيس ۾ قتل، اغوا، حملي ۽ ڦر جا قلم لڳايا ويا آهن.جڏهن ته جوڻيجا برادري جي ٽن ڄڻن جي قتل جو اڃان تائين ڪيس داخل ٿي نه سگهيو آهي.هوڏانهن پنجن ڄڻن جي مارجڻ واري واقعي بابت ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڄاڻايل علائقن جي صورتحال هن وقت ڪنٽرول هيٺ آهي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتارين لاءِ پوليس ڪارروايون ڪيون آهن، جنهن دوران ڪجهه گرفتاريون ٿيون آهن، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪنداسين. هن وڌيڪ چيوته واقعي بابت مختلف پاسن کان جاچ ڪري رهيا آهيون جيڪڏهن جاچ دوران پوليس عملدارن جي غفلت سامهون آئي ته اهلڪارن خلاف پڻ ڪارروائي ڪنداسين.هوڏانهن واقعي کي ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود علائقي ۾ خوف واري صورتحال ڇانيل آهي ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿيل آهن.










