پلاٽ جي مالڪي تان گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

پلاٽ جي مالڪي تان گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

عمرڪوٽ (لال حسين منڱريو) ڳوٺ لپلو جي رھواسين لقمان سميجو، نور محمد، مير محمد، حاڪم علي، عمر، عبدالله ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد دانهيندي چيو ته اسان جو پلاٽ جي معاملي تي برادري جي ٻي ڌر سان تڪرار هلندڙ هو اڄ ٻي ڌر جي ماڻهن اسان جي پلاٽ جو ڪم هلندڙ هو اسان  جي گھرن کي حبيب الله، عيدل، شير خان، علي محمد، شڪر الدين سميجو ۽ ٻيا باهه ڏئي ساڙي فرار ٿي ويا آهن. هنن چيو ته اسان جي گهرن ۾ پيل لکين روپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي باهه ڏئي ساڙيندڙ جوابدار وري ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته ڪٿي دانھيو ته رھيل گھرن کي به باهه ڏئي ساڙينداسين. هنن چيو ته اسان جو لکين روپين نقصان ٿيو آهي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري اسان سان ٿيل ظلم جو ازالو ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو