سکر(بيورو رپورٽ) هنگورجا ٿاڻي جي حد شاھ جي مشين ويجهو ڳوٺ نهال سولنگي جي عورتن معصوم ٻارڙن بااثرن جي ڏاڍاين خلاف احتجاج ڪندي مس الحسن ۽ نجم الحسن سولنگي جي گهر وارين ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ سندن گهر جي سامهون سندن ذاتي پلاٽ آھي جنهن تي ماستر طالب سولنگي جي چرچ تي بااثر علي حسن عرف کٽن، مختيارحسين، واصف حسين، ڊاڪٽر وقار احمد ۽ مسڪون عرف امتياز سولنگي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھن. بااثر کين موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن جنهن سبب سندن جيئڻ حرام ٿي ويو آھي بااثر هجڻ سبب پوليس به سندن دانهن نه ٿي ٻڌي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کين تحفظ ڏئي انصاف مهيا ڪيو وڃي.










