پشاور ۾  گهر تي دستي بم حملو، 5 ڄڻا زخمي

پشاور ۾ گهر تي دستي بم حملو، 5 ڄڻا زخمي

پشاور(ويب ڊيسڪ)لينڊي اخون احمد ۾ گهر تي دستي بم حملي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.پوليس موجب پشتخره ٿاڻي جي حد لنڊي اخون احمد ۾ اڻڄاتل ماڻهن ڪابل خان آفريدي نالي شخص جي گهر تي دستي بم سان حملو ڪيو.پوليس موجب دستي بم حملي ۾ گهر جي سربراهه سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته دستي بم حملي سان گهر جا شيشا ٽٽي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو