پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي جامع مسجد ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ وڌيڪ 5 ڄڻا علاج دوران فوت ٿي ويا. ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 62 ٿي ويو آهي. ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ترجمان موجب ڌماڪي ۾ 37 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان 5 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جنهن بعد فوتين جو انگ 62 ٿي ويو آهي. هوڏانهن پشاور جي قصه خواني بازار ڪوچا رسالدار جي جامعه مسجد تي آپگهاتي حملي جي جاچ جاري آهي.

پوليس ذريعن موجب آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ مڪمل ڪئي وئي آهي جڏهن ته ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. آپگهاتي بمبار ۽ ٻن سهولتڪارن جا خاڪا تيار ڪيا ويا آهن. جاچ ٽيم موجب واقعي واري هنڌ تان مليل عضون جي جاچ ڪئي ويندي. پوليس ذريعن موجب واقعي ۾ ملوث سموري ٽولي جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن. ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو. ايف آءِ آر ۾ قتل، قتل جي ڪوشش ۽ دهشتگردي جا قلم شامل آهن. گذريل رات آپگهاتي ڌماڪي ۾ مارجي ويل 30 کان وڌيڪ ماڻهن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جڏهن ته اڄ ڪوهاٽي ۾ 10 ڄڻن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.










