پشاور ڌماڪي جا ذميوار 10 سال راڄ ڪرڻ وارا آهن، مريم نواز

پشاور ڌماڪي جا ذميوار 10 سال راڄ ڪرڻ وارا آهن، مريم نواز

ايبٽ آباد: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پشاور ڌماڪي جا ڏوهاري اهي آهن جيڪي 10 سالن کان اتي حڪومت ڪندا رهيا. خيبرپختونخواهه کي وسيلن جي نه پر نوازشريف جي ضرورت آهي.ايبٽ آباد ۾ مسلم ليگ(ن) جي تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته خيبرپختونخواهه کي وسيلن جي ضرورت نه آهي پر خيبرپختونخواهه کي هن وقت نوازشريف جي ضرورت آهي مان خيبرپختونخواهه جي سمورن ضلعن ۾ پاڻ هلي ويندس. پاڪستان جا وڏا منصوبا ن ليگ جي دور ۾ ٺهيا. اڃان تائين انهن منصوبن تي نوازشريف جو نالو لکيل آهي. مريم نواز عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪو چوندو هو ته مان پشاور کي لاهور بنائيندس ان لاهور کي به پشاور بنائي ڇڏيو، هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪيو ويو پر هڪ هزار نوڪريون به نه ڏنيون ويون، 300 ڊيم ٺاهيندڙ خيبرپختونخواهه کي ڊيم فول ٺاهي هليو ويو. خيبرپختونخواهه ۾ 10 سال احتساب جي اداري کي تالو لڳل رهيو جيل ڀريو تحريڪن جي دعويٰ ڪندڙ صرف پنهنجا کيسا ڀريندو رهيو. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ چيو ته گذريل ڏينهن شاهه محمود قريشي چيو هو ته نوازشريف سان زيادتي ٿي آهي. هاڻ شاهه محمود قريشي اهو ٻڌائي ته نوازشريف کي ڪنهن ڪڍيو. نوازشريف کي ملڪ مان نيڪالي ڏيندڙ گروپ جو اڳواڻ عمران خان آهي.مريم نواز چيو ته اڄ عمران خان کي مهانگائي ياد اچي رهي آهي. هي اڄ ڪهڙي مهانگائي جو روڄ پٽڪو ڪري رهيو آهي هي مهانگائي ان جي ڪري ئي ٿي آهي. عمران خان ملڪ کي آءِ ايم ايف حوالي ڪرڻ کان پوءِ معاهدو ڦاڙي ڇڏيو ۽ بني گالا جي بنڪر ۾ وڃي ويهي رهيو. باهه وسائيندڙ کان ته پڇيو پيو وڃي پر باهه لڳائيندڙ کان به ته پڇيو.مريم نواز وڌيڪ چيو ته عمران خان 4 مهينن کان ٽنگ تي پلاسٽر لڳائي رکيو آهي. عدالت گهرائي ٿي ته ٽنگ تي پلاسٽر آهي، پنڊي ۾ جلسو ڪرڻو آهي ته هي فورن روانو ٿي ويندو آهي. عمران خان کي پلاسٽر نه پر سندس ڪيل ڏوهه عدالت ۾ وڃڻ کان روڪين ٿا. عمران خان اقتدار مان نڪرڻ کان پوءِ چيو ته سازش ٿي آهي اها سازش آمريڪا کان ٿيندي محسن نقوي تائين اچي وئي. عمران خان چوي ٿو ته ايجنسيون مارڻ چاهين ٿيون. ڪجهه ڏينهن اڳ هن چيو ته آصف زرداري مون کي مارائڻ جي سازش ڪئي آهي. عمران خان پاڻ کي ايترو اهم ڇو ٿو سمجهي جو دنيا کيس مارائڻ چاهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو