پشاور(ويب ڊيسڪ)پوليس اسٽيشن تي دستي بم حملي ۾ 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا. پوليس اهلڪارن تصديق ڪئي آهي ته پشاور جي ڦندو پوليس اسٽيشن تي صبح سوير دستي بم اڇلايو ويو، جنهن ۾ ٽي پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا. پوليس موجب اڻڄاتل شخص پوليس اسٽيشن تي دستي بم اڇلائي فرار ٿي ويو. واقعي کانپوءِ پوليس، بم ڊسپوزل يونٽ (بي ڊي يو) ۽ اهلڪارن واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي ليڊي ريڊنگ اسپتال (ايل آر ايڇ) منتقل ڪيو ۽ شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪيون. سي سي پي او پشاور عباس احسن جو چوڻ آهي ته اڻڄاتل جوابدارن پوليس اسٽيشن تي 2 دستي بم اڇلايا، جنهن جي نتيجي ۾ 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو.










