نوشهروفيروز)مشتاق حسين مري) پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي جي گهر تي هٿياربندن جي چڙهائي، فائرنگ ڪري پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان کي زخمي ڪري ناريءَ کي کنڀي کڻي ويا. ڳوٺ مير محمد تڳر ۾ 7 مهينا اڳ نوجوان جوڙي شڪيل احمد ۽ ظهيران تڳر عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو هو جنهن تان ناري جا مائٽ مٿن سخت ڪاوڙيل هئا، جن پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي جي گهر تي چڙهائي ڪئي ۽ فائرنگ ڪري شڪيل احمد کي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فائرنگ ڪري ڳوٺ ۾ خوف ۽ حراس پکيڙڻ بعد هٿياربند ناري ظهيران کي کنڀي کڻي ويا. زخمي نوجوان کي سول اسپتال نوشهروفيروز آندو ويو جتي سندس حالت خراب هجڻ ڪري کيس نوابشاهه ريفر ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ پوليس اهلڪارن کي ڳوٺ ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. زخمي نوجوان شڪيل احمد جي مامي الهرکئي تڳر ٻڌايو ته 7 مهينا اڳ جوڙي پاران پسند جي شاديءَ بعد علائقي جي چڱي مڙس فيصلو ڪري ڌرين کي ٺاهي ڇڏيو هو ۽ پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان تي هڪ ايڪڙ زمين ڏنڊ به وڌو ويو هو جيڪو هن ڀري ڏنو پر ان باوجود به ناريءَ جي مائٽن والد سکيل تڳر، محمد سفر، هاشم، غلام مصطفيٰ، محمد امين ۽ ٻين هٿيارن جي زور تي هلان ڪري ظلم ڪيو آهي. هن چيو ته زخمي نوجوان جي حالت خراب آهي جڏهن ته خدشو آهي ته اغوا ڪيل ناري ظهيران کي ماريو ويندو. هن چيو ته حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري اغوا ڪيل ناري ظهيران کي بازياب ڪرائي سندس حياتي بچائي وڃي.










