اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو آهي ته پرڏيهي پاليسي ملڪي مفاد موجب ٺاهيندي آهي.اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته سڄي دنيا موسمياتي تبديلي تي پاڪستان جي موقف تي گڏ آهي.پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا ۽ چين تازن ٻوڏ ۾ اسان جي تمام گهڻي مدد ڪئي، سڄي دنيا پاڪستان جي ڏکيائين ۾ ساٿ ڏنو.هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي تي سڄي دنيا ۾ آواز اٿاريو آهي، جنيوا ڪانفرنس ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ فنڊ ريزنگ ۾ ڪامياب ٿيو.بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان خطي ۾ ڪيترن ئي بحرانن کي منهن ڏئي رهيو آهي.










