پرڏيهي وزير 5 کان 7 جون تائين عراق جو دورو ڪندو

پرڏيهي وزير 5 کان 7 جون تائين عراق جو دورو ڪندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 5 کان 7 جون تائين عراق جو دورو ڪندو ممتاز زهره بلوچ صحافين کي ٻڌايو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اردن جي شاهي خاندان جي دعوت تي ولي عهد حسين جي شادي ۾ شرڪت لاءِ اردن ۾ آهي هن چيو ته اردن جي دوري کان پوءِ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪتر فواد حسين جي دعوت تي 5 کان 7 جون تائين عراق جو دورو ڪندو هي پرڏيهي وزير جو عراق جو پهريون دورو هوندو دوري دوران پرڏيهي وزير عراقي قيادت سان ملاقات ڪندو عراقي هم منصب سان ملاقات ۾ ڌريون گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون ۽ ٻطرفي تعاون جا رستا ڳولينديون بلاول ڀٽو زرداري پاڪستاني زائرين جي سهولت لاءِ ڪربلا ۾ زنوارن جو سينترل قائم ڪرڻ جو باضابطا اعلان ڪندو ۽ سفارتخاني جي ڪمپليڪس جو پيڙهه جو پٿر به رکندو پرڏيهي وزير جي عراق جي دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعليم جو شعبو، ثقافتي تعاون ۽ ويزا جي سهولت بابت ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحن جو به امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو