اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پرڏيهي وزارت کي عافيه صديقي جي آزادي بابت درخواستگذار فوزيه صديقي کي سهولت فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار اعجاز اسحاق ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آمريڪا مان آزادي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ڊاڪٽر عافيه جي درخواستگذار ڀيڻ فوزيه صديقي پنهنجي وڪيل سميت عدالت ۾ پيش ٿي.ٻڌڻي دوران عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪا اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل منوراقبال چيو ته اسان جي آفيسرن وقتي آمريڪي سفير سان ملاقات ڪئي آهي.ان تي جسٽس سردار اعجاز پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪافي ۽ ڪيڪ ملاقات ٿي آهي، ان جو مطلب آهي ته نه پرڏيهي سيڪريٽري ۽ نه ئي پرڏيهي وزير کي عدالتي حڪم جي خبر آهي، انهن کي خبر ناهي ته ان ملاقات ۾ ڇا ٿيو؟ ستين اٺين ٻڌڻي آهي، حڪومت ان حوالي سان ڪجهه به ڪرڻ نٿي چاهي، اسان جو به دائرو آهي، اسان صرف ان جي حدن ۾ رهي سگهون ٿا.ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته عافيه صديقي جي آزاديءَ جو معاملو سفارتي سطح تي اٿاريو ويو آهي، هوءَ اسان جي شهري آهي ۽ حڪومت ان جي جيڪا به مدد ڪري سگهي ٿي ڪري.ان دوران فوزيه صديقي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته لڳي ٿو حڪومت ان معاملي ۾ بيوس آهي، عافيه صديقي لاءِ آمريڪا ۾ هڪ ٻيو وڪيل گهرايو آهي.بعد ۾ عدالت پرڏيهي وزارت جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو ايندڙ هفتي فوزيه صديقي سان ملاقات ڪري قانوني محاذ تي سهڪار ڪن، جڏهن ته ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 17 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










