راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته هاڻ پرڏيهي فنڊنگ دفن ٿي وئي آهي.هڪ بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته پرڏيهي فنڊنگ دفن ٿي وئي، فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ ويو آهي. هن چيو ته نواز شريف ڪيس ۽ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ فرق آهي ڇو ته حلف نامي ۽ سرٽيفڪيٽ ۾ فرق آهي. شيخ رشيد حڪومت کي کليل آٿت ڏيندي چيو ته جيڪي ماڻهو آءِ ايم ايف کان قرض به نٿا وٺي سگهن، انهن جي ڪارڪردگي خراب آهي، مهانگائي ۽ پاڻي جي ٻوڏ کانپوءِ ٽرانسپورٽ به بند ٿي وئي آهي.










