جسماني رمانڊ جي درخواست رد، پرويز الاهي جيل حوالي

جسماني رمانڊ جي درخواست رد، پرويز الاهي جيل حوالي

لاهور (ويب ڊيسڪ)پلاهور جي مقامي عدالت پنجاب اسيمبلي ۾ جعلي ڀرتين ڪيس ۾ اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.نجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي پنجاب اسيمبلي ۾ جعلي ڀرتين واري ڪيس ۾ لاهور جي ڊيوٽي مئجسٽريٽ غلام مرتضيٰ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.پرويز الاهي طرفان لاهور بار جو صدر رانا انتظار عدالت ۾ پيش ٿيو.ڊيوٽي مئجسٽريٽ غلام مرتضيٰ چيو ته مان اڄ ڊيوٽي تي آهيان، اڄ مون کانسواءِ ٻيو ڪو به جج نه ويٺو آهي، فائيل موجب فيصلو ڪندس، جيڪڏهن توهان کي منهنجو فيصلو پسند نه اچي ته ان کي چئلينج ڪيو.ان موقعي تي وڪيل رانا انتظار حسين چيو ته نگران وزير جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهي اهو سندس پنهنجي ڪلاسن جو آهي، هي ماڻهو پاڻ ئي وڪيلن کي تنگ ڪري رهيا آهن، اسان کي ايف آءِ آر جي ڪاپي به نه ڏني پئي وڃي.وڪيل رانا انتظار حسين طنزيه انداز ۾ چيو ته انتظاميه کي چئو ته فيصلو لکو، توهان ان تي دستخط ڪريو.اينٽي ڪرپشن عملدارن عدالت کي چيو ته توهان تصوير ڪڍرائي ڏيو، جنهن تي وڪيل رانا انتظار حسين چيو ته مون وٽ موبائل 3310 آهي.وڪيل چيو ته عدالت جو وقت ختم ٿي ويو آهي، چوڌري جي حراست هاڻي غير قانوني آهي.جڊيشل مئجسٽريٽ چيو ته مان هتي ويٺو آهيان، جيڪڏهن توهان مون کي پيش ڪرڻ چاهيو ته جوابدار کي پيش ڪيو.ان موقعي تي پرويز الاهي عدالت روم ۾ موجود هو پر کيس مئجسٽريٽ آڏو پيش نه ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو